ڏاڙهونءَ کي جنت جو ميوو چيو ويندو آهي، ڏاڙهون جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ به آهي ان جا اهڙا ته فائدا آهن جو اهي هٿرادو طريقي سان ماڻڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڳرين قيمتن واري دوائن جو وڏي عرصي تائين استعمال ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ذائقيدار ڏاڙهونءَ بنا ڪنهن تڪليف ۽ وڏي خرچن تي ٿوري مقدار ۾ وڏا فائدا ڏئي ٿو.