شاهه رخ خان ڌيءَ سان گڏ ڪهڙي فلم ۾ نظر ايندو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊين باڪس آفيس تي ”پٺان“ ۽ ”جوان“ جي تاريخي ڪاميابي بعد شاهه رخ خان پنهنجي نئين فلم ”ڊنڪي“ جي رليز جو انتظار ڪري رهيو آهي جنهن کي راج ڪمار هيراڻي بڻائي رهيو آهي ۽ سندس نالو ئي فلم جي بلاڪ بسٽر هجڻ جي نشاني آهي.
”ڊنڪي“ کان پوءِ ڪنگ خان جي نئين فلم جي حوالي سان مختلف خبرون گردش ڪري رهيون آهن ۽ هاڻي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪار جي ايندڙ فلم کي سجوئي گهوش ڊائريڪٽ ڪندو جڏهن ته ان ۾ سوهانا خان به ايڪشن ۾ نظر ايندي.
ذريعن موجب اها ميگا ٿرلر فلم هوندي ۽ ان جي شوٽنگ نومبر 2024ع کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ سال مارچ ۾ شاهه رخ خان سجوئي گهوش جي هڪ فيملي پروجيڪٽ مان فارغ ٿي ويندو جنهن جو نالو اڃا تائين سامهون ناهي آيو.
فلم شاه رخ خان جي ڪمپني ريڊ چليز انٽرٽينمينٽ جو پروجيڪٽ آهي ۽ ان جي ذريعي سوهانا خان کي وڏي پردي تي لانچ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.