راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ دهشتگردن جو سربراهه حضرت زمان عرف خاوري به مارجي ويو، جيڪو ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هو.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ 3 جوان به شهيد ٿي ويا، جن ۾ لانس نائيڪ تبسم الحق، سپاهي نعيم اختر، سپاهي عبدالحميد شامل آهن.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ۾ به سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سپاهي فرمان علي شهيد ٿي ويو.
You might also like