اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته 20 هزار اهلڪارن جي ڊيوٽي سان نواز شريف جو جلسو ڀلي ٿي وڃي پر رياستي سطح تي آجيان سان چونڊون ۾ فتح ناهي ملندي.
ن ليگ قائد نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ن ليگ جو نواز شريف جي آجيان بدلي جنت جو اعلان حيرت جوڳو آهي.
هن چيو 20 هزار اهلڪارن جي ڊيوٽي سان نواز شريف جو جلسو ڀلي ٿي وڃي پر رياستي سطح تي آجيان سان چونڊون نه ٿيون کٽي سگهجن.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو جلد اعلان ڪري، گهڻي سليڪشن ٿي چڪي آهي هاڻ اليڪشن ٿيڻ گهرجي، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته هڪ شخص جي سليڪشن لاءِ چونڊون روڪيون وڃن.
Prev Post
You might also like