وڌيڪ اپت سبب چانورن جا اگهه گهٽجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هن سال وڌيڪ اپت سبب چانورن جا اگهه گهٽجي ويا.
ڊالر جو قدر وڃائجڻ سبب مهانگائي جي اثر گهٽجڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ اپت سبب چانورن جي اگهن ۾ به گهٽتائي آئي آهي.
برآمد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هن سال چانورن جي برآمدن لاءِ 3 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
چانورن جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڏٺي وئي آهي ۽ چانور 25 سيڪڙو تائين سستا ٿي ويندا آهن.
ايري 6 چانور جي قيمت 25 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 125 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي، جڏهن ته ايري 9 چانور 30 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 190 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.