هن شرط تي ” ڊيٽ “ تي وينديس، ڪرڪيٽ جي مداح سحر شنواري جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي جادوءَ ڪرڪيٽ پرستارن کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو ميچن کي انجواءِ ڪري رهيا آهن.

ان ڏس ۾ پاڪستاني اداڪارا ۽ سوشل ميڊيا انفلوينسر سحر شنواري انوکو اعلان ڪري سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي سحر شنواري لکيو ته انشاءَ الله منهنجا بنگالي بندو ايندڙ ميچ ۾ ڀارت کان پاڪستان جو پلاند وٺندا، جيڪڏهن بنگلاديشي ٽيم ڀارت کي هارائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته مان بنگالي ڇوڪري سان فِش ڊنر ڊيٽ لاءِ ڍاڪا وينديس.

سحر خان هڪ ٻي پوسٽ ۾ لکيو ته صرف بنگلاديش جي ٽيم ئي ڀارت کي سبق سيکاري سگهي ٿي.

واضح رهي ته سحر شنواري سوشل ميڊيا تي پنهنجي اداڪاري ۽ لِپسنگ وڊيوز سبب مشهور آهي جيڪي اڪثر ٽِڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي شيئر ڪيا ويندا آهن، انسٽاگرام تي سندس 31 هزار فالوورز آهن.

ياد رهي ته ڀارت ورلڊ ڪپ پاڪستان کي هڪ طرفي مقابلي ۾ ست وڪيٽن سان هارائي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.