مسافر جهاز هوا ۾ بيهجي ويو جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي روز نت نيون وڊيوز وائرل ٿينديون رهنديون آهن جن کي ڏسي واهپيدار حيران ٿي ويندا آهن، ڪجهه منظر اهڙا هوندا اهن جيڪي غير حقيقي طور تي ترميم ٿيل نظر ايندا آهن.
اهڙيءَ طرح جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي واهپيدارن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
وڊيو ۾ ڏسي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ جهاز هوا ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ پل تي بيهجي ويو آهي، اها وڊيو ٻي اڏام جي مسافرن رڪارڊ ڪئي جيڪي اتان گذري رهيا هئا.
وڊيو ڪپ ۾ اڏام کي هوا ۾ فريز ٿيندي ڏسي سگھجي ٿو جنهن اهو وهم پيدا ٿئي ٿو ته اهو پُل جي مٿان بيهجي ويوآهي.
View this post on Instagram
ان ڪلپ کي اينڊليس نالي اڪائونٽ ذريعي انسٽاگرام تي شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو آهي ته جهاز هوا ۾ منجمد نظر اچي رهيو آهي ان جو سبب هڪ نظري وهم آهي جنهن کي ”پيراليڪشن چيو ويندو آهي.
سوشل ميڊيا تي اها وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي واهپيدارن طرفان دلچسپ تبصرا به ڪيا پيا وڃن.