فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ ترڪيه ۾ سوڳ جو اعلان

انقرا (ويب ڊيسڪ) فلسطين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ترڪي سڄي ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ترڪي جنگ سٽيل غزا ۾ اسپتال تي ڪُڌي حملي تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، ترڪ صدر رجب طيب اردگان سڄي دنيا تي زور ڏنو آهي غزا ۾ ٿيندڙ الميي کي روڪيو وڃي.
ترڪ صدر جو چوڻ هو ته فلسطيني ڀائرن کي پهچندڙ سور کي دلين ۾ محسوس ڪريون پيا، احترام جي طور تي اسان جي ملڪ ۾ ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ترڪ صدر چيو ته اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ ۾ اولهه ٻرندي تي تيل هارڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪري رهيو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.