سارا خان جي صحت بابت اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا سارا خان بيمار هجڻ جي خبرن کان پوءِ مداحن کي پنهنجي صحت بابت آگاهه ڪيو آهي.
انسٽاگرام تي اسٽوري ڪندي اداڪارا پنهنجي صحت بابت مداحن کي آگاهه ڪيو ۽ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا.
هن اسٽوري ۾ لکيو ته جڏهن اهڙو وقت ايندو آهي تڏهن اسان کي احساس ٿيندو اهي ته مداح ۽ دوست اسان لاءِ ڪيترا قيمتي آهن، محبتن ۽ دعاعن لاءِ اوهان سڀني جي مهرباني.
اداڪارا سارا خان پنهنجي صحت بابت ٻڌايو ته آئون هاڻي گھر ۾ آهيان ۽ بهتر محسوس ڪري رهي آهيان.
هن لکيو ته جڏهن اوهان وٽ فلڪ شبير جهڙو مڙس هجي ته ڪنهن کي ڊاڪٽر جي ضرورت آهي، الحمدالله، پر ان حوالي سان جوڙي وڌيڪ تفصيل ظاهر ناهن ڪيا ته هو اسپتال ڇو ويا هئا.
واضح رهي ته 17 آڪٽوبر تي سارا خان جي مڙس ۽ گلوڪار فلڪ شبير انسٽاگرام اسٽوري تي سارا خان يج ميڊيڪل چيڪ اپ جي تصوير شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ اداڪارا کي اسپتال جي بستري تي ڏٺو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.