”مون کي به ميڊل ڏيو“ ڀارتي آل رائونڊر رويندر جاڙيجا جي وڊيو وائرل

پوني ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي آل رائونڊر رويندر جاڙيجا جي بنگلاديش خلاف ميچ ۾ مشفيق الرحيم جو شاندار ڪيچ پڪڙڻ کانپوءِ انوکي انداز ۾ جشن ملهائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.

ليفٽ آرم آف اسپنر رويندر جاڙيجا اڪثر پنهنجي بالنگ سان گڏ گڏ فيلڊنگ ذريعي به مخالف ٽيمن لاءِ پريشانيون پيدا ڪندو آهي.

ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف به هن هوا ۾ ڊائيو هڻي مشفيق الرحيم جو شاندار ڪيچ پڪڙيو ۽ ان کانپوءِ پنهنجي لاءِ ميڊل جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ICC (@icc)

رويندر جاڙيجا پنهنجي انوکي انداز ۾ جشن ملهايو، جڏهن ته مداح تبصرا ڪري رهيا آهن ته ڀارتي آل رائونڊر ڪيچ وٺڻ کانپوءِ پنهنجي لاءِ ميڊل جي گهر ڪئي.

واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم عالمي ڪپ دوران هر ميچ ۾ بهترين فيلڊر کي ميڊل ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، آسٽريليا خلاف ميچ ۾ ويرات ڪوهلي، جڏهن ته افغانستان واري ميچ ۾ شاردل ٺاڪر ۽ پاڪستان خلاف ميچ ۾ ڪي ايل راهول کي ميڊل سان نوازيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.