شڪايتون ملڻ تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو انسپيڪٽر برطرف

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شڪايتون ملڻ تي بلڊنگ انسپيڪٽر کي برطرف ڪري ڇڏيو.
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کهڙو 14 هين گريڊ بلڊنگ انسپيڪٽر خلاف شڪايتون ملڻ تي کيس عهدي تان برطرف ڪري هيڊ ڪوارٽر اندر ايڊمنسٽريشن سيڪشن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ياد رهي ته ان کان اڳ 14 عملدارن کي پڻ شڪايتون ملڻ ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ سبب عهدن تان برطرف ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.