فن لينڊ جو ٽيلي ڪام گيئر گروپ نوڪيا لاڳت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ 14000 ملازمتون گهٽ ڪندو.
چيف ايگزيڪٽو پيڪا لنڊمارڪ هڪ انٽرويو م چيو ته مارڪيٽ جي صورتحال چئلينجنگ آهي ۽ اهو ان حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته اسان جي سڀ کان اهم مارڪيٽ اتر آمريڪا جي مارڪيت آهي، اسان جو وڪرو 40 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ گهرج گهٽجي وئي آهي، نوڪيا ۽ مخالف ايڪرسن گهٽ مارجن واري بازار، ڀارت کي وڌيڪ وڪري سان ڪجهه ڪمزوريون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هن چيو ته ايندڙ نسل جي فائيو جي اوزارن جي ڪمزور گهرج بعد ٽئين ٽه ماهي ۾ وڪرو پنجين حصي تائين گهٽجي ويو. ان سان جلد ئي مارڪيٽ جي بحالي جو امڪان ناهي.
نوڪيا 2026 تائين 800 ملين يورو ۽ 1.2 بلين يورو وچ ۾ بچت جو هدف بڻائي رهيو آهي، ان جو گهٽ ۾ گهٽ 14 سيڪڙو ڊگهي مدي وارو آپريٽنگ مارجن پلان آخري تاريخ تائين آهي.
ڪمپني پنهنجي ملازمن جو انگ گهٽ ڪري 86 هزار مان 72 هزار ڪرڻ جي اميد رکي ٿي.