اروشي جو فون چورائيندڙ جي خبر پئجي وئي، واپسي لاءِ اهم شرط

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اروشي روٽيلا جون فون چوري ڪندڙ جي خبر پئجي وئي آهي پر فون ڪدنڙ فون جي واپس لاءِ اهم شرط رکي ڇڏيو آهي.
اروشي جو فون 14 تاريخ تي پاڪ ڀارت ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ ٿي ويو هو. 15 آڪٽوبر هن رپورٽ به داخل ڪرائي هئي.
اروشي سوشل ميڊيا تي مداحن کي درخواست ڪئي هئي ته منهنجون 24 قيراط سون وارو آءِ فون گم ٿي ويو آهي. جيڪڏهن فون ڪنهن کي نظر اچي ته مهرباني ڪري مون سان رابطو ڪري.
هاڻي چئن ڏينهن کان پوءِ اروشي کي ايم ميل آئي آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته اوهان جو آءِ فون مون وٽ آهي، جيڪڏهن اوهان پنهنجو فون واپس وٺڻ چاهيو ٿيون ته اوهان کي منهنجي ڀاءُ کي ڪينسر کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻي پوندي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اروشي روٽيلا انسٽاگرام اسٽوري ۾ اي ميل جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.