آڪاش چوپڙا جي پاڪستان ٽيم بابت وڏي اڳڪٿي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) روايتي مخالف هٿان بدترين شڪست کانپوءِ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ مشهور ڪامينٽيٽر آڪاش چوپڙا ورلڊ ڪپ ۾ 2023ع لاءِ پنهنجي سيمي فائنلسٽ ٽيمن مان پاڪستان کي ٻاهر ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ڪامينٽيٽر آڪاش چوپڙا آگسٽ ۾ پنهنجي ٽاپ فور ٽيمن ۾ پاڪستان کي شامل ڪيو هو پر هاڻ ٽورنامينٽ دوران قومي ٽيم جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سيمي فائنلسٽ ٽيمن مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر عالمي ڪپ لاءِ پنهنجي ٽاپ فور ٽيمن ۾ ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ کانسواءِ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا مان ڪنهن هڪ ٽيم جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪا به ٽيم سيمي فائنل نٿي کيڏي ته اِها منهنجي لاءِ حيرت جوڳي ڳالهه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.