گھر مان ڪِيولن کي ڀڄائڻ جا سولا ٽوٽڪا

گھر ۾ موجود جيتن جڻيا پريشاني جو سبب بڻبا آهن، خاص ڪري ڪِيوليون رڌڻي سوڌو گھر جي ٻين حصن ۾ پکڙجي عورتن کي پريشان ڪنديون آهن.
ڳالهه ڪئي وڃي ڪِيولين جي ته اها گڏ ٿيڻ ۾ گھڻو وقت ناهن لڳائينديون، انهن جي موجودگي انساني طبيعت کي نه رڳو بي چين ڪندي آهي پر انهن جي چڪ هڻڻ سان به تڪليف ٿيندي آهي.
ڪِيولين کان بچاءَ لاءِ عورتون مهاگن اسپري تي به ڳري رقم خرچ ڪنديون آهن، پر گھٽ حاصل ٿيندو آهي.
عورتن لاءِ هيٺ بيان ڪيل ٽوٽڪا نه رڳ ڪيولين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ڪم جا آهن پر کيسي تان به بار هلڪو ڪندا.
دار چيني
دار چيني جي خوشبوءِ کاڌن کي ذائقو ڏيندي آهي پر ڪيولين کي اها پسند ناهي.
ڪِيولين کي ڀڄائڻ لاءِ اهو ٽوٽڪو اوهان لاءِ ڪم جو ثابت ٿي سگھي ٿو، ان لاءِ هڪ ڪوپ پاڻي ۾ اڌ چانهه جو چمچو دار چيني جو تيل شامل ڪريو.
ان مڪسچر ۾ ڪاٽن بال (ڪپهه) ڀڄائي انهن کي اهڙن هنڌن تي رکو، جتي جتي ڪِيوليون اينديون آهن.
سرڪو
سُرڪي جي کٽي خوشبوءِ ڪِيولين کي ناهي وڻندي، ان لاءِ هڪ اسپريل بوتل ۾ پاڻي ۽ سرڪي کي برابر حصي ۾ ڀريو.
ان ۾ ليمي جا ڪجهه ڦڙا شامل ڪريو، انهي سٺي نموني گڏايو ۽ ڪِيولين وارن هنڌن تي اسپريل ڪري ڇڏيو.
بوريڪس پائوڊر (Borax Powder)
بوريڪس پائوڊر هڪ قدرتي معدنيات آهي جيڪو گھڻن جيت مار دوائن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪِيولين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪوپ گرم پاڻي، اڌ ڪوپ کنڊ ۽ ٻه چمچا بوريڪس پائوڊر کي سٺي نموني گڏايو.
هاڻي ان مڪسچر ۾ ڪاٽن بال کي ڀڄائي متاثر هنڌن تي رکي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.