عوام لاءِ سٺي خبر، پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي نيٺ ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙا گهٽائڻ تي راضي ڪري ورتو.
سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي جو ڀاڙن ۾ گهٽتائي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽر 10 سيڪڙو ڀاڙا گهٽائڻ تي راضي ٿي ويا.
ٽرانسپورٽ کاتي ڪراچي کان سڄي ملڪ ۾ هلندڙ بسن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ڪراچي کان حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن هلندڙ وين جا ڀاڙا به گهٽجندا.
اجلاس ۾ طئي ٿيو ته ڀاڙا نه گهٽائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هر روٽ تي ريجنل ۽ ڊسٽرڪٽ ٽرانسپورٽ آفيسر گاڏين کي چيڪ ڪندا.
ٽرانسپورٽ کاتي چيو آهي ته فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، پيٽرول سستو ٿيڻ جو فائدو عوام تائين پهچايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.