ملير ۾ نينگر کي بدفعلي بعد بدترين تشدد ڪري لاش ڦٽو ڪيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پورٽ قاسم ويجهو نينگر جي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ معصوم ٻار سان بدفعلي جي تصديق ٿي آهي.

سکڻ پوليس سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مقتول نينگر ڪو وارث ظاهر ناهي ٿيو.

پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نينگر تي بدترين تشدد ۽ بدفعلي جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم 9 ڪلاڪ دير سان ڪرڻ تي ايم ايل او خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته پوليس کي گذريل ڏينهن نينگر جو تشدد ٿيل لاش مليو هو جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.