ڀارت کان ميچ هارائي پر هار کٽ راند جو حصو آهي: محمد رضوان

بئنگلورو( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جو چوڻ آهي ته اسان وٽ ٽاپ بالرز آهن، ٽيم جو مسئلو آگاهي آهي جنهن ۾ سڀ کان اهم فيلڊنگ آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان محمد رضوان جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ ڀارت هٿان شڪست تي رضوان چيوته هار کٽ راند جو حصو آهي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ هر ميچ اهم آهي جتوڻيڪ ڀارت خلاف ميچ هارائي وياسين پر ان کان اڳ اسان ڀارت کان ٻه ميچ کٽيا به آهن.

رضوان چيوته ورلڊ ڪپ ۾ شامل سڀئي ٽيمون سٺيون آهن ۽ پاڪستان لاءِ هڪ هڪ ميچ اهم آهي، پاڪستان ٽيم سٺي آهي اِهو نٿا چئي سگهون سموري دنيا جي ٽيمن کان هيٺ آهيون.

هن چيو ته اسان جو مسئلو آگاهي آهي، ان ۾ مسئلو فيلڊنگ جو آهي ۽ اسان کي ميدان ۾ ان تي ظابطو آڻڻو پوندو.

قومي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته اڄ به سڀئي ٽيمون اِهو چئي رهيون آهن ته پاڪستان ٽيم لاءِ اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي، اسان وٽ دنيا جا ٽاپ بالرز آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جا اسپنر آئوٽ آف فارم آهن، پر شاداب خان ۽ محمد نواز سان کي ڪنهن مهل به ميچ کٽرائي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.