پاڪ فوج مظلوم فلسطينين لاءِ امداد موڪلي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) مظلوم فلسطينين لاءِ امداد جي پهرين کيپ موڪلي ڇڏي.
غزا لاءِ امداد جي پهرين کيپ اسلام آباد رستي مصر رواني ڪئي وئي، امدادي سامان ۾ هڪ هزار خيما، 4 هزار ڪمبل ۽ 3 ٽن دوائون شامل آهن.
واضح رهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس سان خطاب ۾ چيو هو ته فلسطيني عوام کي پاڪستاني قوم جي مڪمل سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.