اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) روس ۽ پاڪستان وچ ۾ تيل جي خريداري جو معاهدو طئي ٿي ويو، ڪمرشل معاهدي جو پهريون ڪارگو ڊسمبر ۾ پاڪستان پهچندو.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ هو ته روس ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدو ڪمرشل بنيادن تي ٿيو آهي، لوڪل ريفائنريز روس کان سڌي ريت تيل خريد ڪري سگھنديون.
ذريعن جو چوڻ هو ته ريگولر سپلاءِ کان پوءِ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ معاهدي جو امڪان آهي، جڏهن ته روس سان ڪمرشل معاهدي جو پهريون ڪارگو ڊسمبر ۾ پاڪستان پهچندو، جيڪو هڪ لک ميٽرڪ ٽن ڪچي تيل تي ٻڌل هوندو.
ذريعن موجب معاهدي تحت روس پاڪستان کي پورٽ تي تيل فراهم ڪندو ۽ لوڪ رفائنري روسي تيل جي قيمت 60 ڊالر في بيرل جي حساب سان ادا ڪندي.
ڪمرشل معاهدي ۾ جي سيون ملڪن کي روسي تيل جي قيمت جي حد کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، روسي ڪچي تيل جي ڀاڙو ۽ پريميم ڪڍي به عام مارڪيٽ کان 10 ڊالر في بيرل سستو آهي، پهرين ٽيسٽ ڪارگو ۾ به پاڪستان کي 4 ڪروڙ ڊالرز جي بچت ٿي هئي.
You might also like