فلسطيني جهنڊي واري ساڙي تي ڀارتي اينڪر ۽ اسرائيلي عهديدار ۾ بحث

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي انٽيليجنس اسپيسل فورسز جي عهديدار ڀارتي ٽي وي تي پروگرام دوران عورت اينڪر جي ساڙهي کي فلسطيني جهنڊو سمجهي اعتراض ڪيو ج نهن تي اينڪر اسرائيلي اهلڪار جي ڇنڊ پٽي.

شو دوران اسرائيلي عهديدار فيڊرڪ لينڊائو پروگرام اينڪر شريا ڌونڊيال جي ڪاري، سائي ۽ ڳاڙهي رنگ واري ساڙي تي اعتراض ڪيو.

اهلڪار چيو ته اوهان فلسطيني جهنڊي وارا رنگ پهري آيون آهيون پر ياد رکيو ته نيرو ۽ اڇو رنگ (يعنيٰ اسرائيلي جهنڊو) غالب رهندو.

اينڪر وضاحت ڪندي اسرائيلي عهديدار کي ٻڌايو ته مان پنهنجي ڏاڏي جي ساڙهي پهري آئي آهيان، هو اڄ جيئري هجي ها ته 105 سالن جي هجي ها جيڪا اسرائيل ۽ فلسطين جنگ بابت اڻ ڄاڻ هئي، ان لاءِ هي سارهي ڪنهن به فرق جي حمايت جي علامت نٿي ٿي سگهي.

ميزبان جو جواب ٻڌي اسرائيلي اهلڪار ٽوڪيو ته هي ڪنهن ٻئي موقعي لاءِ سنڀالي رکو جنهن تي ميزبان اسرائيلي اهلڪار جي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته هو ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نه هلندي ته ڇا پائيڻو آهي ۽ ڇا ناهي پائڻو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.