تل ابيب (ويب ڊيسڪ) حماس ۽ حزب الله جي حملن جي نتيجي ۾ اسرائيل به هزار ماڻهو مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
حملن ۾ زخمي ٿيل اسرائيلين جو انگ ساڍا 4 هزار کان وڌي ويو آهي.
ٻي پاسي حزب الله اسرائيل جي ٽينڪن کي هدف بڻائڻ جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، فوج جي گليلي ڊويزن ۽ شيبا فارمز جي علائقي ۾ مقرر مقرر فوجين کي نشانو بڻايو ويو.
هوڏانهن اسرائيلي فوج لبنان ۾ حزب الله جي پوزيشن تي حملا ڪيا. ان کانسواءِ هڪ اسرائيلي ڊرون کي به مبينا طور تي تباهه ڪرڻ جي وڊيو منظر عام تي آئي آهي.
ڏکڻ لبنان طرفان موڪليل مبينا اسرائيلي ڊرون به هوا ۾ تباهه ڪيو ويو.
لبنان جي مزاحمتي تنظيم اسرائيلي فوج جي جاسوس اوزارن کي به نشانو بڻايو.