چونڊن کان اڳ ٽرڪ مان 750 ڪروڙ هٿ

گذريل ڏينهن رات ساڍي ڏهين وڳي ڪجهه پوليس اهلڪارن هڪ شڪي ٽرڪ کي روڪيو جڏهن ٽرڪ کي چيڪ ڪيو ويو ته اهلڪارن هيران ٿي ويا، ڇو ته ٽرڪ ۾ 750 ڪوڙ رپيا روڪ موجود هئا.

اليڪشن کان اڳ ساڍا 7 ڪروڙ رپيا هٿ اچڻ تي ٿرٿلو مچي ويو آهي.

اصل ۾ ڀارتي رياست تلنگانا ۾ اسيمبلي چونڊن جي تاريخ طئي ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميسن سان رياستي پوليس به چوڪس آهي ۽ ان لاءِ ايندڙ ويندڙ هر ٽرڪ جي تلاسي ورتي پئي وڃي.

ڀارتي ذريعن موجب جنهن روڊ تان اها ٽرڪ گذري رهي هئي ان کي عام طور تي اسمگلرز استعمال ڪندا آهن، ان لاءِ اتي ناڪابندي ڪئي وئي هئي ۽ ان ئي ناڪابندي دوران 750 ڪروڙ ڀارتي رپيا هٿ آيا.

ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ سمورو معاملو ختم ٿي ويو ڇو ته اها رقم يونين بينڪ آف انڊيا جي هئي ۽ ان کي ڪيرالا کان حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو.

تلنگانا جي چيف اليڪٽورل آفيسر وڪاس راج چيو ته ٽرڪ کي بينڪ عملدارن جي تصديق بعد اڳتي سفر لاءِ ڇڏيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.