پيٽرول سستو ٿي ويو، هاڻ پاڪستاني ٽيم جي گاڏي اڳتي چُرندي: حسن علي

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي جو چوڻ آهي ته ڀارت کان هارائڻ تي تڪليف ٿي پر شڪست کانپوءِ خامين تي ڳالهه ٻول ٿي آهي.

بئنگلورو جي چناسوامي اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا خلاف ميچ کان اڳ حسن علي پريس ڪانفرنس ۾ جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ پوءِ هر سوال جو مزاحيه ۽ انداز ۾ جواب ڏنو.

حسن علي چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي گاڏي هلندي هلندي بيهي وئي آهي، هڪ اسٽاپ آيو هو، هاڻي گاڏي هلندي.

فاسٽ بالر چيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول سستو ٿي ويو آهي، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي گاڏي به هلندي.

رانديگرن جي بيماري بابت حسن علي چيوته بيماري ۽ انجري ڪنهن جي هٿ ۾ ناهي، رانديگرن کي روم سيڪنيس ٿي وئي آهي سيڪيورٽي سبب اسان گهڻو ٻاهر نٿا وڃي سگهون.

پاڪستان مداحن بابت سوال تي حسن علي چيو ته پهريان چاليهه هئاسين هاڻ اوهان ( صحافي ) اچي ويا آهيو ته انگ وڌي ويو آهي، مداحن جي کوٽ محسوس ٿيندي آهي، پر اِهو اسان جي هٿ وس نه آهي.

پاڪستان ٽيم ۾ هڪ سال کانپوءِ واپسي جي حوالي سان حسن علي چيو ته سندس هٿ ۾ جادو جي ڇڙي آهي، منهنجي انٽري وائلڊ ڪارڊ آهي، نسيم شاهه کان پهريان به اِهي ئي فاسٽ بالر هئا، پهريان به ان ئي بالنگ اٽيڪ وڪيٽون حاصل ورتيون آهن، ميچ واري ڏينهن جيڪو سٺو کيڏندو ڪامياب ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.