نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي عمران خان جو ردعمل اچي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ن ليگ قائد نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين اڊيالا جيل ۾ پنهنجي وڪيلن سان هڪ ڪلاڪ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سندس خلاف ڪيسن، ملڪي صورتحال ۽ نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي گفتگو ٿي.
وڪيل سلمان اڪرم راجا صحافين کي ٻڌايو ته عمران خان جي صحت بهتر ۽ حوصلا بلند آهن، ملاقات ۾ تفصيلي گفتگو ٿي، کيس نواز شريف جي واپسي کان به آگاهه ڪيو ويو.
وڪيل موجب ملاقات ۾ نواز شريف جي واپسي تي عمران خان چيو ته لنڊن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي، سزا يافتا شخص کي ريڊ ڪارپيٽ رليف ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.