انضمام الحق چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار، اختلافن جو سبب سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي چيف سليڪٽر انضمام الحق جون پي سي بي سان هڪ ڀيرو وري اختلافن جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن.

ذريعن موجب، سينيئر ۽ جونيئر سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي رويي مان خوش ناهي، انضمام ۽ پي سي بي وچ ۾ پاڪستان انڊر 19 ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي مقرريءَ تي اختلاف پيدا ٿيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي شاهد انور کي انڊر 19 ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو، ان کان اڳ پي سي بي انضمام الحق جي تجويز تي محمد يوسف کي ڪوچ مقرر ڪرڻ جي حامي ڀري هئي.

انضمام الحق جا ان کان اڳ به ڪيئي معاملن تي اختلاف پيدا ٿيا هئا.

ذريعن موجب، چيف سليڪٽر انضمام الحق جو ڪجهه هفتا اڳ ئي 25 لک رُپيا ماهوار تي ٽي سالا معاهدو ٿيو، انضمام پنهنجي پسند ۽ شرطن مطابق معاهدو ڪيو هو.

چيف سليڪٽر جي ويجهن ذريعن موجب، انضمام الحق پي سي بي کان رستا ڌار ڪرڻ بابت سوچي رهيو آهي، محمد حفيظ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي راءِ کي اهميت نه ڏيڻ تي الڳ ٿي چڪو آهي.

انکانسواءِ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي هيڊ مصباح الحق کي به هاڻ دلچسپي ناهي رهي، هن لاءِ پي سي بي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، مصباح اڄڪلهه آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽي وي شو جو حصو آهي.

ان حوالي سان پي سي بي چيو آهي ته چيف سليڪٽر انضمام الحق گذريل ڏينهن سليڪشن وارن معاملن جو حصو هو، پاڪستان انڊر 19 ۽ پاڪستان وومين اي اسڪواڊز جي سليڪشن وارن معاملن ۾ شامل رهيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، انضمام الحق تمام معاملن ۾ خوشي خوشي حصو ورتو، اختلاف ۽ ڪاوڙ جا اطلاع اسان وٽ نه آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.