سوزوڪي جي آلٽو خريدڻ جي خواهشمندن لاءِ خوشخبري

سوزوڪي آلٽو خريدڻ جي خواهشمندن لاءِ خوشخبري آهي ته هاڻ اهي پنهنجي پسنديده گاڏي ميزان بئنڪ ذريعي آسان قسطن تي حاصل ڪري سگهن ٿا.
سوزوڪي آلٽو چئن مختلف ماڊلز وي ايڪس، وي ايڪس آر، وي ايڪس آر اي جي ايس ۽ وي ايڪس ايل اي جي ايس ۾ ايندي آهي، انهن جي قيمت ترتيب وار 22 لک 51 هزار، 26 لک 12 هزار، 27 لک 99 هزار ۽ 29 لک 35 هزار آهي.
سوزوڪي وي ايڪس 30 سيڪڙو قيمت (6 لک 43 هزار 200 رپيا) ۾ اڳواٽ ادائيگي تي 5 سالن جي پلان ۾ ماهوار 57 هزار 181 رپين جي قسطن ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي، ان پلان ۾ 2500 رپيا پراسيسنگ فيس ادا ڪرڻي پوندي، باقي قيمت 60 قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.
وي ايڪس 50 سيڪڙو قيمت (تقريبن 10 لک 72 رپيا) ۾ اڳواٽ ادائيگي تي ماهوار 42 هزار 559 رپين جي برابر قسطن ۾ ملي سگهي ٿي، ان پلان ۾ به 2500 رپيا پراسيسنگ فيس لاڳو هوندي.
ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ميزان بئنڪ يا سوزوڪي جي ڪنهن ڊيلر شپ کان حاصل ڪري سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.