”ڪيا“ موٽرز جي اگهه گهٽائڻ کانپوءِ هڪ ٻي پرڪشش آڇ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ”ڪيا“ موٽرز اگهن ۾ تازي گهٽتائي کانپوءِ ڪسٽمرز لاءِ هڪ ٻي پرڪشش آڇ متعارف ڪرائي ڇڏي.
ڪاساز ڪپني طرفان مخصوص ماڊلز جي بڪنگ ڪرائڻ لاءِ رجسٽريشن تي ڪيش بيڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب ڪمپني جي گاڏي پيڪانٽو جي رجسٽريشن تي ڪسٽمرز کي 50 هزار رپيا، اسپورٽيج جي رجسٽريشن تي ڏيڍ لک رپيا ۽ سورينٽو جي رجسٽريشن تي ٻه لک رپيا ڪيش بيڪ ڏنو ويندو.
اها آڇ محدود مدي لاءِ آهي، جنهن جو مدو 30 نومبر تي ختم ٿي ويندو.
واضح رهي ته ڊالر جو قدر گهٽجڻ کانپوءِ ڪيا موٽرز پهرين ڪارساز ڪمپني آهي، جنهن پنهنجي گاڏين جي اگهن ۾ 5 لک رپين تائين لاٿ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.