پرائز بانڊ رکندڙن لاءِ خوشخبري، اسٽيٽ بئنڪ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرڪزي بئنڪ طرفان 100 رپين واري پرائز بانڊز جا ڪڻا ڪڍڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان 100 رپين واري پرائز بانڊز جا ڪڻا 15 نومبر تي فيصل آباد ۽ لاهور آفيس ۾ ڪڍيا ويندا.
سئو رپين واري پرائز بانڊ جو پهريون انعام 7 لک رپيا، جڏهن ته ٻيو انعام ٽن فاتحن کي ڏنو ويندو، جنهن ۾ 20 لک رپيا برابري جي بنياد تي ورهايا ويندا، ان کانسواءِ ٽيون انعام حاصل ڪندڙ 199 ڄڻن کي هڪ – هڪ هزار رپيا ڏنا ويندا.
انعام کٽيندڙ خوش نصيبن جا نالا ۽ مڪمل فهرست سيونگز ڊاٽ جي او وي ڊاٽ پي ڪي تي ڏسي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.