گاڏيون ٺاهيندڙ ٽن وڏين ڪمپنين جو اهم اعلان

پاڪستان ۾ گاڏيون ٺاهيندڙ ٽن ڪمپنين هونڊا اٽلس، پاڪ سوزوڪي ۽ ٽويوٽا ٺاهيندڙ انڊس موٽرز پنهنجا پلانٽ عارضي طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽنهي ڪمپنين پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي آگاهه ڪيو آهي ته ڪچي تيل ۽ پارٽس جي گهٽتائي سبب پلانٽ عارضي طور بند ڪيا ويا آهن.
هونڊا ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني جو پلانٽ 24 آڪٽوبر کان 31 آڪٽوبر تائين، ٽويوٽا ٺاهيندڙ انڊس موٽرز جو پلانٽ هڪ مهيني لاءِ 17 آڪٽوبر کان 17 نومبر تائين بند رهندو.
انڊس موٽرز ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪچي مال جي ۽ پارٽس جي کوٽ سبب اهو قدم کنيو ويو آهي، پلانٽ جي بندش عارضي آهي.
سوزوڪي ٺاهيندڙ ڪمپني پلانٽ 25 آڪٽوبر کان 2 نومبر تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪچي مال جي گهٽتائي سبب انتظاميا عارضي بندش جو فيصلو ڪيو آهي، ان دوران موٽر سائيڪل جو پلانٽ پنهنجي پيداوار جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.