نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ نئين ڪنوار شادي جي 6 ڏينهن کانپوءِ ماءُ بڻجي وئي، جنهن کي مڙس گهران ڪڍي ڇڏيو.
ڀارت جي علائقي مراد آباد ۾ شادي جي 6 ڏينهن کانپوءِ ڪنوار ماءُ بڻجي وئي، جيڪا خبر علائقي ۾ بحث جو موضوع بڻجي وئي.
مراد آباد جي سول لائن ٿاڻي جي علائقي اگوان پور واسڻ جي شادي هڪ هفتو اڳ مغل پورا علائقي جي نوجوان سان ٿي هئي.
شادي جي 6 ڏينهن کانپوءِ ئي ماءُ بڻجڻ تي مڙس زال کي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هوءَ پنهنجي عاشق جي گهر پهتي، جنهن به کيس قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ ڪنوار جي ماءُ پوليس کي شڪايت ڪئي، جنهن کانپوءِ عاشق شادي لاءِ راضي ٿيو.
You might also like