جاز ڪيش ۽ پيٽرول ڪمپني ۾ واهپيدارن جي سهولت لاءِ معاهدو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جاز ڪيش سڄي ملڪ ۾ واهپيدارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ ملڪ جي وڏي آئل مارڪيٽنگ ڪمپني ٽوٽل پارڪو سان ڀائيواري ڪئي آهي.

ٽوٽل پارڪو جا انفيني والٽ واهپيدار جاز ڪيش جو استعمال ڪندي پنهنجي والٽس کي ٽاپ اپ ڪري سگهندا ۽ پليٽ فارم تي موجود ڪيتريون ئي سروسز مان فائدو وٺي سگهندا.

ڀائيواري واري معاهدي تي صحيحن جي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي هئي جتي عملدارن جو چون هو ته ان جو مقصد جديد سوليوشنز پيش ڪري ڊجيٽل مالي شموليت کي هٿي ڏيڻ آهي.

ياد رهي ته اهڙي تقريب ٻه ڏينهن اڳ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.