پيٽرول 140 رپيا سستو ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 140 رپين جي گهٽتائي جي تجويز سامهون اچي وئي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري حڪومت کي پيٽرول جي قيمت ۾ 140 رپيا گهٽتائي جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته پيٽرول 40 رپيا نه پر 140 رپيا سستو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته مهانگائي سبب عوام سخت تڪليف ۾ آهي، دعا آهي ته مهانگائي به ختم ٿئي.
واضح رهي ته نگران حڪومت 16 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو هو.
هوڏانهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ به پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ عوام کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.