ناليواري قانون دان ايس ايم ظفر لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو سينيئر قانون دان ايس ايم ظفر 93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي.
خانداني ذريعن موجب ايس ايم ظفر ڊگهي عرصي کان بيمار هو، جيڪو اڄ حقيقي خالق سان وڃي مليو.
ايس ايم ظفر ناليواري وڪيل بئريسٽر علي ظفر جو پيءُ هو، سندس شمار ملڪ جي وڏن قانون دانن ۾ ٿيندو هو.
ايس ايم ظفر 6 ڊسمبر 1930 ۾ برما ۾ ڄائو، هن يونيورسٽي آف لا ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ 1950 ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ چوٽيءَ جي وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
ايس ايم ظفر، ايوب خان جي دور ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن جو مرڪزي وزير به رهيو، جڏهن ته 2003 کان 2013 تائين ق ليگ جو سينيٽر به هو، هو 1975 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بار جو صدر بڻيو ۽ 1979 ۾ سپريم ڪورٽ بار جو صدر چونڊيو ويو.
ايس ايم ظفر ڪيترائي اهم ڪيس وڙهيا ۽ انهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، هن ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪالم به لکيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.