جيڪڏهن انٽرنيٽ ميسيجنگ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته واٽس ايپ جي مقبوليت جو مقابلو ڪو به نٿو ڪري سگھي، جنهن جي واهپيدارن جو انگ 2 ارب کان وڌيڪ آهي.
واٽس ايپ ۾ هيل تائين واهپيدار هڪ فون ۾ رڳو هڪ واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪري سگھندا هئا.
هڪ فون ۾ ٻه واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪرڻ لاءِ ايپ جي سيڪنڊري ڪاپي بڻائڻي پوندي هئي جيڪو سولو ڪم نه هو.
پر ميسيجنگ ايپ جي اها خامي هاڻ ختم ٿيڻ واري آهي.
ميٽا چيف ايگزيڪٽو مارڪ زڪربرگ هڪ نئين فيچر جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي ذريعي هڪ فون ۾ ٻه مختلف واٽس ايپ اڪائونٽس استعمال ڪري سگھبا.
مارڪ زڪربرگ جي اعلان بعد ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان فيچر کي متعارف ڪرايو ويو آيه ۽ هاڻي واهپيدار هڪ ئي وقت ٻن واٽس ايپ اڪائونٽس کي هڪ ڊوائيس تي استعمال ڪري سگھندا.
اهو فيچر انهن ماڻهن لاءِ بهترين ثابت ٿيندو جيڪي واٽس ايپ کي آفيس جي سرگرمين لاءِ به استعمال ڪندا آهن، ملٽي اڪائونٽ سپورٽ سان هو آفيس ۽ ذاتي زندگي لاءِ ڌار اڪائونٽس استعمال ڪري سگندا.
ان ڪري اهو هلندڙ سال جي ڪجهه وڏن فيچرز مان هڪ آهي ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سڀني واهپيدارن کي دستياب هوندو.
فيچر کي استعمال ڪيئن ڪجي؟
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ضروري هوندو ته فون ۾ ڊوئل سم سپورٽ موجود هجي ته جيئن ٻن مختلف نمبرن کي ٻن واٽس ايپ اڪائونٽس لاءِ استعمال ڪري سگهجي.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز اوپن ڪري پنهنجي نالي اڳيان ٺهيل ڊراپ ڊائون ايرو تي ڪلڪ ڪريو.
اتي ايڊ اڪائونٽ جو آپشن هوندو جنهن تي ڪلڪ ڪري ٻئي واٽس ايپ اڪائونٽ کي ايڊ ڪري ڇڏيو.
ڪمپني موجب واهپيدار هر اڪائونٽ جي پرائيويسي ۽ نوٽيفڪيشن سيٽنگز کي ڪنٽرو ڪري سگھندو.
ان کان اڳ گذريل واٽس ايپ طرفان اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ پاس ڪيز جو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو.
You might also like