هونڊا جو موٽر سائيڪلن جي اگهن بابت اهم اعلان

هونڊا ڪمپني پنهنجي موٽر سائيڪل جي ٽاپ ماڊلز سي ڊي 70 ۽ 125 ريگيولر ۽ خاص ايڊيشن جي اگهن جي حوالي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.
واضح رهي ته اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته هونڊا موٽر سائيڪل جي انهن ٽاپ ماڊلز جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪرڻ واري آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته 18 آڪٽوبر تي جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن ۾ سي جي 125 جي خاص ايڊيشن جي قيمت ۾ 38 هزار 500 رپيا، هونڊا 125 جي ريگيولر ايڊيشن جي قيمت ۾ 33 هزار 500 رپيا ۽ سي ڊي 70 جي قيمت ۾ 22 هزار رپين تائين لاٿ جو اعلان ڪيو ويندو.
پر هونڊا جي مقامي ڊيلرز اهڙين خبرن جي تصديق کان انڪار ڪيو هو.
هاڻ هونڊا طرفان وضاحت ڪئي وئي آهي ته انهن ماڊلز جي اگهن کي برقرار رکيو ويو آهي ۽ اگهن ۾ لاٿ ناهي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.