ڪويت جو وڏو قدم، عرب دنيا ۾ تاريخ لکي ڇڏي

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت ۾ عدليا جي اندر صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪويب 90 عورت ججن جي مققري ڪندڙ عرب دنيا ۽ وچ اوڀر ۾ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انهن ججز اٽارني جنرل جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندي پبلڪ پراسيڪيوشن ۾ ٽريني اٽارني طور پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي.
اهو فيصلو قابل اميدوارن جي چونڊ کي تيز ڪرڻ ۽ عدليا جي عملي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ٽريني اٽارني جي ڪردار ۾ عورت اميدوارن جي شموليت کان پوءِ کان ان مان 15 ڄڻن کي جج جي عهدي تي فائز ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.