ورلڊ ڪپ: هاردِڪ پانڊيا بابت بُري خبر

پوني ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي س مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 17 هين مقابلي ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ميچ دوران آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا انجري کانپوءِ ميدان کان ٻاهر هليو ويو .

پوني ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان نجم الحسن شانتو ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

ميچ۾ بنگلاديش جي بيٽنگ دوران هاردِڪ پانڊيا بال روڪڻ جي ڪوشش ۾ پِچ تي ڪِري پيو.

ميچ جي نائين اوور ۾ پانڊيا بنگلاديشي اوپنر لٽن داس جي شاٽ روڪڻ لاءِ سڌي ڄنگهه سان بال کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان دوران سور سبب ميدان ۾ ئي ليٽي پيو.

پانڊيا جي تڪليف کي ڏسندي فزيو کي اسٽيڊيم ۾ اچڻو پئجي ويو جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽر ميدان کان ٻاهر هليو ويو جڏهن ته سندس اوور جا آخري ٽي بال ويرات ڪوهلي هلايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.