مهاتير محمد جي آمريڪا ۽ اسرائيل تي ڇتي تنقيد

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي اڳوني وزيراعظم مهاتير محمد آمريڪا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي اسرائيل کي دهشتگرد ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو.
مهاتير محمد پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا کي اها حقيقت دنيا کي ٻڌائڻي پوندي ته اسرائيل هڪ دهشتگرد ملڪ آهي، آمريڪا اسرائيل جهڙن دهشتگردن جي کُلي عام حمايت ڪري رهيو آهي، فلسطينين تي اسرائيلي ظلم آمريڪي امداد ۽ حمايت جي ڪري آهن.
هن چيو ته آمريڪا امداد بند ڪري ڇڏي ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي به بند ڪري ڇڏيندو، پينٽاگون آمريڪي صدر کي ڪوڙي ڄاڻ فراهم ڪري رهيو آهي، پينٽاگون اهڙي ئي ڄاڻ ڏئي رهيو آهي جيئن عراقي هٿيارن بابت ڏيندو هو.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته غزا اسپتال بابت نيتن ياهو ۽ پينٽاگون لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، اسرائيلي ٻارن جي قتل بابت به نيتن ياهو ۽ پينٽاگون ڪوڙ ڳالهايو، حقيقت سامهون اچڻ تي بائيڊن کي بيان واپس وٺڻو پيو.
ملائيشيا ۾ هزارين شهرين گذريل معي تي ڪوالالمپور جي قومي مسجد ۽ سڄي ملڪ جي ٻين مسجدن ۾ اسرائيل ۽ حماس جنگ جي مذمت ۽ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.