پئٽ ڪمنز پاڪستاني رانديگرن کي ” خطرناڪ “ قرار ڏئي ڇڏيو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو آهي ته عالمي ڪپ ۾ شامل سڀئي ٽيمون سٺيون آهن ۽ پاڪستان هڪ مضبوط مخالف آهي.

پيٽ ڪمنز پاڪستان خلاف ميچ کان اڳ بئنگلورو ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته فائنل اليون جو فيصلو سڀاڻي ئي ٿيندو، سٺي بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

پيٽ ڪمنز چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ ڪجهه رانديگر آهن جيڪي خطرناڪ آهن، پاڪستان جا فاسٽ بالر سٺا آهن، شاهين سٺو بالر آهي، رضوان به فارم ۾ آهي.

آسٽريلوي ڪپتان جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ مضبوط مخالف آهي، بئنگلورو ۾ سٺي پِچ لاءِ پراميد آهيون، هتي بيٽنگ ڪرڻ آسان هوندو.

هن چيو ته ون ڊي ۾ وچ وارا اوورز گهڻو اهم هوندا آهن، عالمي ڪپ ۾ هر ٽيم سٺي آهي، هتي ڏهه بهترين ٽيمن وچ ۾ مقابلو آهي، ڪا به ميچ سولي ناهي، هر ميچ ۾ سئو سيڪڙو ڏيڻو پوندو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ سڀاڻي بئنگلورو ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.