ڪارون ٺاهيندڙ ٽن وڏين ڪمپنين پاران آپريشنز بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گاڏي ٺاهيندڙ ٽن وڏين ڪمپنين ٽويوٽا، هنڊا ۽ پاڪ سوزوڪي پاڪستان ۾ آپريشنز بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪتان جي ٽن وڏين ڪارون ٺاهيندڙ ڪمپنين پنهنجا آپريشنز بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڪمپنيني پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي ويب سائيٽ تي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.
ڪمپنين جو چوڻ آهي ته ڪچي مال جي کوٽ ۽ ڊالر جي عدم دستيابي سبب پلانٽ جاري نٿا رکي سگھجن، بينڪن طرفان ايل سيز کولڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.
ٽن وڏين ڪمپنين عارضي طور تي پنهنجا پلانٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ٽويوٽا ڪار تيار ڪندڙ ڪمپني انڊس موٽرز 17 نومبر تائين، هنڊا ڪار پلانٽ 24 آڪٽوبرکان 31 آڪٽوبر تائين آپريشنز بند رکندا.
اهڙيءَ طرح پاڪ سوزوڪي 25 آڪٽوبر کان 27 آڪٽوبر تائين پلانٽ آپريشنز بند رکڻ جو اعلان ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.