پاڪ-آسٽريليا دنگل: ” گهڻو نه سوچيو“ بابر جو رانديگرن کي پيغام

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا سان مقابلي کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم رانديگرن سان ڳالهه ٻول ڪئي.

بابرا عظم چيوته جيئن ٽريننگ سيشن ۾ ڪيو ٿا صرف ائين ئي ميچ ۾ ڪيو، وڌيڪ سوچڻ جي ضرورت نه آهي.

ڪپتان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اوهان يقين رکو، مون کي اوهان تي سئو سيڪڙو يقين آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ميچ سڀاڻي بئنگلورو جي چناسوامي اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهي، ان سلسلي ۾ قومي ڪرڪيٽرن آپشنل ٽريننگ ۾ حصو پڻ ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.