اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪرڻ تي اعليٰ آمريڪي آفيسر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اعليٰ عهديدار اسرائيل کي فوجي امداد فراهم ڪرڻ تي احتجاجن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ سياسي ۽ فوج معاملن جي ڊائريڪٽر جوش پال پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته هن لاءِ آمريڪي حڪومت جي اسرائيل کي لاڳيتو فوجي امداد جي فراهمي جي پاليسي سان اتفاق ڪرڻ ممڪن ناهي.
هڪ انٽرويو ۾ پال اهو به چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دشمنن جي نسلن کي مارڻ جي کُليل ڇوٽ ڏيڻ سان دشمنن جو نئون نسل تيار ٿي ويندو، جيڪو آمريڪا جي مفاد ۾ ناهي.
هن چيو ته آمريڪي حڪومت گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جيڪي غلطيون ڪندي پئي اچي اهي اڄ وري ورجائي رهي آهي تنهنڪري هو ان عمل جو وڌيڪ حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ٿو.
جوش پال 11 سالن کان آمريڪا جي اتحادي ملڪن کي هٿيارن جي فراهمي واري شعبي سان سلهاڙيل هو.
سندس چوڻ هو ته هو وچ اوڀر ۾ تڪرار جي هڪ ڌر کي هٿيار فراهم ڪرڻ جي حمايت نٿو ڪري سگھي. اسان جي ذميواري هئي ته اسان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪريون ها ڦر اسان ائين ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين.
جوش پال چيو ته بائيڊن انتظاميا طرفان اسرائيل کي اسلحي جي فراهمي اسرائيلين ۽ فلسطينين ٻنهي لاءِ وڌيڪ مصيبتن جو سبب بڻبي، جيڪا آمريڪا جي مفاد ۾ ناهي، پر جيتوڻيڪ آئون ان حوالي سان ڪجهه به پئي ڪري سگھيس تنهنڪري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
هن چيو ته اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي اجاگر ڪريون، ڀلي اهي ڪو به ڪري رهيو هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.