اسرائيل غزا ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي، محمد صلاح پاران جذباتي پيغام جاري

قاهرا ( ويب ڊيسڪ ) مصر جي اسٽار فٽبالر محمد صلاح عزا ۾ جاري اسرائيلي بربريت جي شڪار مظلوم فلسطينن جي حق ۾ انتهائي جذباتي وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
پنهنجي وڊيو پيغام ۾ محمد صلاح چيو ته اهڙي وقت ۾ ڳالهائڻ سولو ناهي هوندو.
حماس جي حملن کانپوءِ غزا تي شروع ڪيل اسرائيلي بربريت ڏانهن اشارو ڪندي هن چيو ته هتي ڏاڍو تشدد ۽ حد کان وڌيڪ بربريت آهي، اسرائيل-فلسطين تڪرار ۾ آيل شدت برداشت جوڳي ناهي.


محمد صلاح جو چوڻ هو ته انساني جانيون مقدس آهن ۽ سندن تحفظ ٿيڻ گهرجي، موتمار ڪارروايون بند ٿيڻ گهرجن، ڪيئي خاندان ٽٽي وکري رهيا آهن.
هن چيو ته هن وقت اِها ڳالهه انتهائي ضروري آهي ته فوري طور غزا لاءِ انساني امداد جي اجازت ڏني وڃي، اتان جا ماڻهو انتهائي مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، گذريل رات اسپتال جا منظر به دل ڌوڏيندڙ هئا، غزا جي ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جي ضرورت آهي.
مصري فٽبال پنهنجي وڊيو پيغام ۾ عالمي برداري کي اپيل ڪندي چيو ته هو اڳتي اچن ۽ معصوم ماڻهن جي وڌيڪ قتلِ عام کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.