40 اسلامي ملڪن جي فوج جي اڳواڻي ڪندڙ جنرل(ر) راحيل شريف کي خاموش نه رهڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور( ويب ڊيسڪ )جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قابض رياست اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي.آمريڪا جي صدر جو اھڙين حالتن ۾ دورو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته واشنگٽن اسرائيلي جارحيت جي کليل حمايت ڪرڻ آيو آهي.

هن  چيو ته دنيا کي ڊيڄاريو پيو وڃي ته ڪو به ظالم ڏانهن ڏسڻ جي جرئت نه ڪري. هن چيو ته اسلامي ملڪن جي حڪمرانن جرئتمندانه  موقف اختيار نه ڪيو ته  تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي پوڻا ٻه ارب مسلمان انهن ڏانهن ڏسي رهيا آهن فلسطين جي آزاديءَ جا فيصلا ڪندڙ لمحا اچي ويا آهن.

سراج الحق چيو ته 40 اسلامي ملڪن جي فوج جي گڏيل اڳواڻي هڪ اڳوڻو آرمي چيف آهي ان کي خاموش نه رهڻ گهرجي. جيڪڏهن امت مسلمه متحد ٿي ردعمل ظاهر نه ڪيو ته هڪ عظيم صيهوني رياست جو منصوبو پاڙيسري عرب ملڪن جي سرزمين کي ڳڙڪائي ويندو. فلسطينين کي مزاحمت ڪرڻ جو حق آهي کين سندن زمينن ۽ ملڪيتن کان محروم ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته قوم کي گذارش آهي ته جماعت اسلامي جي قائم ڪيل فلسطين فنڊ ۾ دل و جان سان عطيو ڪن.اسلامي ملڪ ملي ڪري عالمي فلسطين  فنڊ قائم ڪن. اھڙن خيالن جو اظهار ھن چترال ۾ عوامي جلسي عام ۽ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن وڌيڪ  چيو ته ان کان اڳ جو غزه مٽيءَ جو ڍير بڻجي وڃي ۽ اسرائيل ڪيميائي بمباري ڪري 23 لک مسلمانن کي تباهه ڪري، 58 اسلامي ملڪ ظلم بند ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻن حماس اسرائيل تي حملي دوران ڪنهن ٻار يا عورت کي نشانو ناهي بڻايو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.