ماڻهو ڪوڙ ڇو ڳالهائيندا آهن؟

پنهنجي ڳالهه مڃرائڻي هجي يا ڳالهه ۾ وزن پيدا ڪرڻو هجي ته گھڻا ماڻهو پاڻ طرفان اصل حقيقتن ۾ ٿورو اضافو ڪندا آهن پر ڪجهه ڀيرا ائين ڪرڻ سان اهو انهن جي لاءِ انقصان جو سبب به بڻجي ويندو آهي.

جيڪڏهن ڪو شخص اوهان سان ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ جڏهن اوهان کي ان غلط بياني جي خبر پوي ٿي ته اهو خوشگوار احساس ناهي هوندو، پر امڪان اهو به هوندو آهي ته اوهان پاڻ به ڪجه ڪوڙ ڳالهايو هوندو آهي.

ماڻهو ڪوڙ ڇو ڳالهائيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن لفظن جي ڦير ڦار سان ٻين کي دوکو ڇو ڏيندا آهن؟ هتي ان ڳالهه تي به غور ڪرڻ گھرجي ته سدائين سچ ڳالهائڻ کان ڇو لنوائيندا آهن؟

ميساچوسٽس ايمرسٽ يونيورسٽي ۾ نفسيات جي پروفيسر رابرٽ فيلڊمين ”زباني دوکي“ جو مطالعو ڪيو آهي، هن موجب ڪوڙ ڳالهائڻ هڪ اثرائتو سماجي حربو آهي. حقيقيت ۾ ماڻهو سامهون واري سان ڪوڙ ڳالهائڻ جي توقع ناهن ڪندا ۽ سمجهندا آهن ته اهي سچ ٻڌي رهيا آهن.

اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائيندا آهن اهي بچي ويندا آهن پر اهو ان ڳالهه جي وضاحت نٿو ڪري ته هر ڪو ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙ ڇو ڳالهائيندو آهي.

فيلڊمين ڪجهه سبب بيان ڪيا آهن جي ڪري عام طور تي ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.

عجيب محسوس ڪرڻ

نفسيات جي پروفيسر موجب اهو پسند ڪرڻ جي خواهش تي ٻڌل آهي، مثال طور تي جڏهن اوهان ڪنهن هڪ موضوع بابت گفتگو جو حصو هوندا آهيو جنهن بابت اوهان کي ڪا به خبر ناهي ۽ اوهان اهو محسوس ڪرائيندا آهيو ته ڄڻ اوهان کي ان ۾ ڪا به ڏکيائي ناهي ٿي رهي ۽ پسند ڪرڻ جي امڪانن کي بهتر بڻائيندا آهيو. ان کي اوهان ٻين کي متاثر ڪرڻ جي خواهش به چئي سگھو ٿا.

فيلڊمين وضاحت ڪندي چيو ته ماڻهو چاهيندا آهن ته ٻيا کين پسند ڪن، سندن تعريف ڪن ۽ انهن مان متاثر ٿين.

نتيجن جو احساس

جيڪڏهن اوهان ڪجهه اهڙو ڪيو آهي جنهن جا ناڪاري نتيجا ٿي سگھن ٿا ته انهن نتيجن کان بچڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي سگھو ٿا ۽ ائين گھڻو ڪري ٻارن ۾ ڏٺو ويو آهي جڏهن اهي ڪنهن اهڙي ڪم جي سزا کان بچڻ جي ڪوشس ڪري رهيا هوندا آهن جيڪو کين نه ڪرڻ گھرجي ها.

ٻارن جڏهن ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن ته تڏهن به ڪوڙ جو سهارو وٺندا آهن جيئن ڪو انعام ملڻو هجي ته اهي ان انعام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي سگھن ٿا.

ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ٻين کي خوش ڪرڻ يا انهن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ به ڪوڙ ڳالهائيندا آهن جيڪو ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته هو انهن مان ڪجهه چاهيندا آهن. فيلڊمين موجب، چاپلوسي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عام علامتي شڪل آهي. ماڻهو ٻين کان اهو ڪرائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن جيڪو اُهي چاهيندا آهن.

پر ان حقيقت کان آگاهه هجڻ سٺو آهي ته ماڻهو ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ڀلي اهو چاپلوسي ذريعي هجي ڳالهائڻ ذريعي.

ڪوڙ کي قائم رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪوڙ

نفسيات جي پروفيسر موجب جيڪڏهن اوهان شروع ۾ ڪنهن ڪوڙي شيءِ بابت ڪوڙ ڳالهائيندا آهيو ته ان ڪوڙ کي برقرار رکڻ لاءِ اوهان کي وڌيڪ وڏا ڪوڙ ڳالهائنا پوندا آهن.

ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان پنهنجو پاڻ کي ڪوڙ جي هڪ پيچيدا ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيندا آهيو ۽ اوهان کي اهو به ياد ناهي رهدنو ته اصل حقيقت ڇا هئي.

خوشي قسمتي سان ماڻهو هر وقت ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا ۽ نه ئي هر ڪو اوهان کي پڪڙڻ لاءِ موجود هوندو آهي پر اهو ڄاڻڻ اوهان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو ڪوڙ ڇو ڳالهائيندا آهن. بس ان حقيقت کان آگاهه رهو ته ٻيا سدائين سچا نٿا ٿي سگھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.