اسرائيل کي نسل پرست رياست چئو، فاطمه ڀٽو جو ملاله کان مطالبو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان جي سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪا فاطمه ڀٽو نوبل امن انعام يافته ملاله يوسفزئي کي اسرائيل کي نسل پرست رياست قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. فاطمه ڀٽو غزا جي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي ملالا يوسفزئي جي وڊيو ٻيهر پوسٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ملالا يوسفزئي 18 آڪٽوبر تي پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن غزا ۾ الاهلي عرب اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪئي ۽ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو.

ملالا يوسفزئي وڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ الاهلي اسپتال ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ ان کي خوفناڪ قرار ڏنو. هن پنهنجي مختصر وڊيو ۾ چيو ته هوءَ فلسطين، اسرائيل ۽ سڄي دنيا ۾ امن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي.

هن چيو ته سڀني کي سزا ڏيڻ مسئلي جو حل ناهي، غزه جا اڌ ماڻهو 18 سالن کان گهٽ عمر جا آهن، انهن کي مجبور نه ڪيو وڃي ته هو سڄي زندگي بمباري ۽ غير قانوني قبضي هيٺ گذارين.

ملالا يوسفزئي کي مخاطب ڪندي فاطمه ڀٽو لکيو ته اسرائيل کي ان نالي سان سڏيو وڃي ته اها نسل ڪشي ڪندڙ رياست آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.