9 مئي واقعي جا 22 جوابدار عمران خلاف سلطاني شاهد ٿي ويا

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) 9 ۽ 10 مئي واقعن ۾ گرفتار جوابدارن مان 22 جوابدارن عمران خان خلاف سلطاني شاهد طور 164 تحت بيان  رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن.

نامياري صحافي جاويد چوڌري جو چوڻ آهي ته جوابدارن 9 مئي واقعن جو ماسٽر مائينڊ عمران خان کي قرار ڏنو آهي ۽ بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته پارٽي چيئرمين جي حڪم  تي فوجي ٺڪاڻن تي حملا  ڪيا ويا هئا.

صحافي موجب ان صورتحال  مان محسوس  ٿي رهيو آهي ته جلد عمران خان خلاف فوجي ڪورٽ ۾ به ڪيس هلڻ شروع ٿي  ويندو. جنهن خدشي جو اظهار عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت به ڪيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 19 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.