5 جي ۽ 6 جي کانپوءِ هاڻي پيش آهي واءِ فاءِ ست

وائرليس ڪميونيڪيشن جو نيڪسٽ جنريشن ورجن متعارف ٿيڻ جي ويجهو آهي.
واءِ فاءِ 7 وڌيڪ تيز رفتار انٽرنيٽ فراهم ڪندو جڏهن ته اڳوڻن ورجنز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪنيڪشنز کي مئنيج ڪرڻ جي صلاحيت رکندو.
واءِ فاءِ الائنس طرفان ان نئين وائرليس پروٽوڪول کي باضابطا طور تي 2024ع جي شروعات ۾ اپنايو ويندو.
واءِ فاءِ 7 ڇا آهي؟
واءِ فاءِ 7 جنريشن ورجن واءِ فاءِ 6 ۽ 6 اي جي ڀيٽ ۾ نمايان حد تائين بهتر هوندو جنهن ۾ انٽرنيٽ اسپيڊ 4 ڀيرا وڌيڪ تيز هوندي.
واءِ فاءِ 7 ليٽنسي (هڪ نيٽورڪ کان ٻئي تائين سفر ڪرڻ لاءِ هڪ سگنل کي گھربل وقت) کي به گھٽايو ويو آهي جڏهن ته گنجائش کي بهتر بڻايو ويو آهي.
واءِ فاءِ 7 کي اي اي اي 802.11 به چيو ويندو ۽ اڳوڻن واءِ فاءِ اسٽينڊرڊز تي ڪم ڪندڙ ڊوائيسز ان تي ڪم نه ڪندا، پر نوان رائوٽرز ۽ ايسسز پوائنٽس خريد ڪرڻ جي ضرورت پوندي، جڏهن ته سمارٽ فونز، ليپ ٽاپس، ٽي وي ۽ ٻيا ڊوائيسز به نوان گھربل هوندا.
واءِ فاءِ 7 جا ڪهڙا فائدا آهن؟
واءِ فاءِ 7 وڌيڪ تيز رفتار، وڌيڪ ڪنيڪشنز سپورٽ ۽ لو ليٽنسي پرفارمنس جهڙوڪ فيچرز سان ليس وائرليس ڪميونيڪيشن اسٽينڊرڊ هوندو.
اهو وڌيڪ هاءِ ڪوالٽي وڊيو ۽ ڪلائوڊ گيمنگ سروسز فراهم ڪري سگندو جڏهن ته اي آر ۽ وي آر ڊوائيسز لاءِ وڌيڪ بهتر هوندو.
وڌيڪ گنجان هنڌن تي به واءِ فاءِ 7 جي مدد سان بهتر سروس فراهم ڪرڻ ممڪن هوندو.
واءِ فاءِ 7 جي واءِ فاءِ 6 سان ڀيٽ
واءِ فاءِ 6 ۾ جيڪڏهن ڊيٽا ٽرانسفر اسپيڊ 9.6 جي بي پي ايس آهي ته واءِ فاءِ 7 ۾ اها 46 جي بي پي ايس تائين هوندي.
اهڙيءَ طرح چينل بينڊوٿ 160 ميگا هرٽز جي ڀيٽ ۾ 320 ميگا هرٽز هوندي جڏهن ته فل بينڊوٿ چينلز جو انگ 7 بدران 6 هوندو.
ڊيٽا ٽرانسميشن 1024 ڪيو اي ايم بدران 4096 ڪيو اي ايم هوندي.
فرف ڇا آهي؟
جيڪڏهن واقعي 46 جي بي پي ايس ڊيٽا ٽرانسفر اسپيڊ دستياب هجي (جنهن جو امڪان گھٽ آهي) ته 25 جي بي ڪي بلو ري ڪوالٽي فلم فائل کي رڳو ڪجهه سيڪنڊن ۾ ڊائونلوڊ ڪرڻ ممڪن هوندو.
واءِ فاءِ 7 ۾ 16 انٽينا ڊيٽا کي رسيو ۽ ٽرانسميٽ ڪري سگھنداسين ۽ واضح رهي ته گھڻن فونز ۽ ليپ ٽاپس ۾ 2 انٽينا رسيو ۽ 3 ٽرانسميٽنگ لاءِ هونديون آهن.
ته پوءِ وڌيڪ انٽينا وارن رائوٽرز سان وڌيڪ ڊوائيسز کي وڌيڪ ڊيٽا ٽرانسفر اسپيڊ ملي سگھندي ۽ انٽرنيٽ اسپيڊ سست ٿيڻ جا مسئلا گھٽجي ويندا.
واءِ فاءِ 7 جو استعمال ڪڏهن ممڪن ٿيندو؟
پهريان واءِ فاءِ 7 ڊوائيسز ۽ رائوٽر متعارف ٿي چڪا آهن جنهن سان ان نئين اسٽينڊرڊ جي شڪل بڻجڻ شروع ٿي چڪي آهي.
جيتوڻيڪ اڃا ان نئين وائرليس اسٽينڊرڊ جو شروعاتي دور آهي ته ان جا مڪمل فائدا حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي وقت گھربل هوندو.
اڃا ان کي باضابطا شڪل به ناهي ڏني وئي جنهن جي ڪري به ڪيترائي فيچرز ڊوائيسز ۾ دستياب ناهن.
اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي فيچرز جي آزمائش اڃا تائين ناهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.