گنگولي جي پاڪستان ٽيم بابت وڏي اڳڪٿي

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي اڳڪٿي ڪندڙ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي قومي ٽيم بابت هڪ ٻي اڳڪٿي ڪئي آهي.

پاڪستان هن وقت ميگا ايونٽ ۾ ٽي ميچون کيڏي چڪو آهي، گرين شرٽس کي نيڌرلينڊز ۽ سريلنڪا خلاف فتح ۽ ڀارت خلاف بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو .

هاڻ قومي ٽيم جمعي تي آسٽريليا خلاف ميدان تي لهندي، ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ سارو گنگولي مقامي ميڊيا سان گفتگو ڪندي پاڪستان جي عالمي ڪپ ۾ وڌيڪ اڳتي وڃڻ کي ڏکيو قرار ڏئي ڇڏيو.

گنگولي پنهنجي وقت ۾ ماضيءَ جي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي وڌيڪ بهتر قرار ڏنو.

هن چيو ته اسان جي دور ۾ پاڪستان هڪ مختلف ٽيم هئي، هي ٽيم اهڙي نه آهي جنهن سان اسان کيڏندا هئاسين.

سارو گنگولي چيو ته هن ٽيم ۾ بيٽنگ دوران دٻاءُ مان نڪرڻ جي صلاحيت ناهي، اهڙي بيٽنگ لائين سان پاڪستان جي عالمي ڪپ ۾ واپسي ڏکيو مرحلو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.